باقيامت محمديه صه

باقيامت محمديهصه: عربيءَ ۾ ان جو اصطلاح ”اثر الشريف“ آهي، جنهن مان مراد حضور پاڪ صلي الله عليه وسلم جا باقي رهيل تبرڪات آهن. اثر الشريف جو لفظ نشاه جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿئي ٿو، ان حساب سان ان جي معنيٰ پاڻ ڪريمنصه جون برڪتن واريون نشانيون آهن. مثال طور: پاڻ ڪريمن جا وار مبارڪ، ڏند مبارڪ، پاڻ سڳورنصه جن جي هٿ مبارڪ سان لکيل تحريرون. ڪجهه ٿانءَ، جيڪي سندن استعمال ۾ رهيا. پاڻ ڪريمنصه جي پڳ مبارڪ، چادر مبارڪ ۽ خاص طور تي قدم مبارڪ جا نشان. اهڙا ڪيترائي تبرڪات ۽ باقيات جيڪي پاڻ ڪريمنصه جن ڏانهن منسوب آهن، جيڪي مختلف هنڌن تي ۽ مسجدن ۾ عام مسلمانن جي زيارت لاءِ موجود آهن ۽ انهن سان مسلمانن کي دلي لڳاءُ آهي. اهڙين باقي رهيل نشانين کي مسلمان ۽ عيسائي ”ذخيرو“ به چون ٿا. پاڻ ڪريمنصه جا تبرڪات دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪٿي نه ڪٿي ضرور محفوظ ملن ٿا. پاڪستان ۾ بادشاهي مسجد لاهور ۾ ساڳئي پڳ مبارڪ ٽوپيءَ سان، سائو جبو مبارڪ، سفيد شلوار مبارڪ، نملين (جُتي) مبارڪ سنڌ ۾، روهڙيءَ ۾ وار مبارڪ، شاهبندر ٺٽي ۾ وار مبارڪ، اهڙيءَ طرح دهليءَ جي جامع مسجد ۾ وار مبارڪ ۽ ٻيا تبرڪات ۽ سري نگر ڪشمير ۾ درگاهه حضرت ”بل“ ۾ وار مبارڪ محفوظ آهي. هڪ چادر مبارڪ (برده شريف) جيڪا پاڻ حضور اڪرمصه جن حضرت ڪعب رضي الله عنھ کي عنايت فرمائي هئي ۽ هڪ تلوار مبارڪ ۽ قدمن مبارڪن جا نشان ۽ ڪجهه ٻيا تبرڪات استنبول شهر جي عجائب گهر ۾ محفوظ آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو